جواد جعفري

جواد جعفري

جواد جعفري

جواد جعفري: ناليواري شاعر جواد جعفريءَ جو پورو نالو جواد حسين ولد انور حسين جعفري آهي. هي 6 ڊسمبر 1963ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو . ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پرائڻ بعد ايم. اي (سياسيات- 1993ع) ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ۽ ايم. ايڊ 1999ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آف ڪئمپس پروگرام تحت ڪئي. هيءُ 1988ع ۾ هاءِ اسڪول بنگلديري ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 1995ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مقرر ٿيو ۽ 1998ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ترقي ماڻيائين. جواد جعفريءَ جو نانو نواز علي ’نياز‘ جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ 1987ع کان باضابطا شاعري ڪرڻ لڳو. سندس رهنمائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، هن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هن ڪيترائي نوحا پڻ لکيا آهن. سندس ڪيترائي نوحا نديم سرور، صادق علي، غلام شبير سمي سميت ٻين ڳايا آهن. جواد جعفريءَ جا ڪيترائي ڪلام، احمد مغل، ارشد محمود، حميره چنا، عاشق نظاماڻيءَ سميت ٻين فنڪارن، فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ارشد محمود جي آواز ۾: ”توکي چاهيوسين“ بيحد مقبول ٿيو. مختلف فنڪارن جي آواز ۾ سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو، ٽي. ويءَ تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هيءُ انجمن حسيني مرڪزي امام بارگاهه جعفريه لاڙڪاڻي جو سالارِ ماتمي دسته آهي ۽ سٺو ڪرڪيٽر پڻ آهي، جنهن ۾ هو لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪوچ، چيف سليڪٽر ۽ ماسٽرس ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو ڪئپٽن پڻ رهيو آهي، هيءُ لاڙڪاڻي جو مشهور آل رائونڊر آهي. هي ڪيترائي اوارڊ ۽ ٽرافيون کٽي چڪو آهي. سندس غزلن جو مجموعو ”توکي چاهيو سين“ ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان شايع ٿيل آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي گڏيل شعري مجموعي ’ڏات ڏيئا ٻاريا‘ ۾ پڻ سندس شاعري شامل آهي، جنهن کي ناليواري شاعر رياضت ٻرڙي سهيڙي ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جواد جعفريءَ کي سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي طرفان بهترين شاعر سميت ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هي هن وقت ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد طور ملازمت ڪري رهيو آهي.


لفظ جواد جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو